مون خلاف ايف آءِ آر جو ڪو ٻيو مقصد آهي:شبر زيدي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پاڪستان جون سڀ وڏيون ڪمپنيون فگسن (Fugson) جون ڪلائنٽ رهيون آهن چيو پيو وڃي ته هي معاملو پراڻن ٽيڪس ريٽرنز سان لاڳاپيل آهي، جيڪي ڏهه ڏهه سال پراڻا هئا جڏهن ته ٽيڪس ريفنڊ ڏيڻ  چيئرمين ايف بي آر جو ڪم ناهي، اهو لاڳاپيل آفيسن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ کيس ڄاڻ ناهي ته ڪنهن مخصوص علائقي ۾ ڪهڙو ريفنڊ جاري ڪيو ويو آهي. يوٽيوب تي هڪ انٽرويو ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته جنهن 7 بلين رپين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اهو چيڪ نه پر بونڊ هو، جيڪو حڪومت طرفان مختلف ڪمپنين کي جاري ڪيو ويو هو. هن معاملي کي بنا جواز ڇهه سال پوءِ ٻيهر اٿاريو پيو وڃي، جڏهن ته اهي بانڊ قانوني طور جاري ڪيا ويا هئا. هن چيو ته سندس خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر مڪمل طور بي بنياد آهي. ڇهه سال پراڻي معاملي کي هاڻي ٻيهر اٿارڻ جو ڪو به جواز ناهي، ڇو ته اهو معاملو اڳ ئي ختم ٿي چڪو هو. اهو ڪيس ڪنهن به مالي يا قانوني بي ضابطگي سان لاڳاپيل ناهي، پر ڪنهن ٻئي مقصد سان سامهون آندو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.