ڊينگي سبب وڪيل جي پٽ جي موت تي ايم ايس سوڌو 7 ڄڻن مٿان قتل ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب فوت ٿيل ايڊووڪيٽ عامر زرداري جي پٽ حسنين زرداري جي فوت ٿيڻ واري معاملي بابت سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري سميت 7 ڊاڪٽرن. ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي خلاف لاپرواهي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج حيدرآباد جي عدالت جي حڪمن بعد ايڊووڪيٽ عامر زرداري جي فرياد تي مارڪيٽ ٿاڻي تي قلم 302 تحت قتل جو ڪيس داخل ويو آهي، ڪيس ۾ ميڊيڪل وارڊ 2 جي ڊاڪٽر مسرت بلوچ، ڊاڪٽر اقبال شاهه، ڊاڪٽر سعد، ڊاڪٽر صدرا ڊاڪٽر مهڪ، ڊاڪٽر رابعه، ڊاڪٽر ڪاشف، ڊاڪٽر صدام ۽ ميڊيڪل وارڊ جي عملي کي ملوث ڄاڻايو ويو آهي، جنهن مٿان الزام لڳايو ويو آهي ته ڄاڻايل ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ڊينگي جو مريض حسنين زرداري فوت ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ عامر زرداري جو چوڻ آهي ته سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري جي نگراني ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر لاپرواهه ٿي ويا آهن، جيڪي مريضن جو صحيح علاج نٿا ڪن، جنهن سبب 22 آڪٽوبر تي سندس پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. هن چيو ته هو ڪنهن ڊاڪٽر کي بخش نه ڪندو ته جيئن اڳتي ڪنهن به ماءُ جي جهولي خالي نه ٿئي ۽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو صحيح نموني سان علاج ٿي سگهي. ياد رهي ته حسنين زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ سول اسپتال حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد ايڊووڪيٽ عامر زرداري الزام لڳايو هو ته سندس پٽ جو اسپتال ۾ صحيح علاج نه ٿي سگهيو، ڊاڪٽرن لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو، جنهن سبب هو اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي.

بنا ڏوهه ثابت ٿيڻ جي ڪيس داخل ڪرڻ ناانصافي آهي: ايم ايس

حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري چيو آهي ته بنا ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيڻ جي مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ ناانصافي آهي، مٿس ۽ ڊاڪٽرن مٿان ڪيس داخل ڪري اسپتال کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊينگي سبب فوت ٿيل حسنين زرداري ٽن ڏينهن تائين هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هيو، جنهن بعد کيس سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو، جتي 10 منٽن اندر کيس آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪري علاج شروع ڪيو ويو، پر هو بچي نه سگهيو. هن چيو ته ميڊيڪل سان لاڳاپيل ڪنهن به معاملي جي هيلٿ ڪيئر ڪميشن هٿان جاچ ڪرائي ويندي آهي، 30 ڏينهن کان پوءِ ڪميشن جي رپورٽ اچڻ بعد ذميوارن مٿان ڪيس داخل ٿيندو آهي، پر سندس ۽ ڊاڪٽرن خلاف فوري طور تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل ناانصافي آهي.

سول اسپتال انتظاميا تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ بعد احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد سول اسپتال ۾ ڊينگي جو مريض فوت ٿيڻ بعد انتظاميه تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ڊيوٽين جو بائيڪارٽ ڪري او پي ڊي بند ڪندي تحفظ جو فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن روشن چانڊيو ۽ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شريف پالاري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪو به ڊاڪٽر پنھنجي مريض کي مارڻ نه چاھيندو آھي، ڪالھ ھڪ ناگوار واقعو پيش آيو آھي. ايم ايس سول اسپتال علي اڪبر ڏاھري، سينيئر ڊاڪٽرن ۽ عملي تي 302 قتل جي ايف آءِ داخل ڪئي وئي آھي، اسان پوليس خلاف ڪورٽ ۾ به وينداسين. هنن چيو ته 250 ڊينگي جا مريض سول اسپتال مان ٺيڪ ٿي گھر ويا آھن.

ڊينگي سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي پاران ايڊووڪيٽ عامر زرداري جي پٽ جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف ايڊووڪيٽ عامر زرداري، عبدالغني نوناري، سجاد چانڊيو. اسرار حسين چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي عامر زرداري چيو ته سندس نوجوان پٽ ميڊيڪل جو شاگرد ڊاڪٽر حسنين کي 18 آڪٽوبر 2025 تي ڊينگي جي بخار سبب سول اسپتال ۾ داخل ڪيو هو. جتي ڊينگي سبب پٽ کي ڇاتي جو انفيڪشن ٿي ويو. جنهن جي ڊاڪٽرن گهربل تشخيص نه ڪئي. جنهن سبب هو وينٽيليٽر تي هليو ويو ۽ وفات ڪري ويو، سندس پٽ جي موت جو ذميوار صحت کاتو سنڌ، ايم ايس سول اسپتال ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ عملو پڻ آهي. سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر جو ماهر ئي موجود نه آهي.

حيدرآباد ۾ 24ڪلاڪن دوران ڪيترائي ڊينگي جا ڪيس رپورٽ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊينگي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ ڪيترائي ڊينگي جا مريض اسپتال پهچڻ جا اطلاع آهن. جن مان ڪيترن جي حالت خراب ٻڌائي وڃي ٿي. ڊينگي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ اسپتال ڀيڙو هجڻ جي باوجود ضلعي توڙي صحت کاتي جي لاڳاپيل انتظاميا اسپري جو ڪم شروع ناهي ڪيو. صحت کاتي جي اهڙي لاپرواهي تي شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن. ڊينگي ۽ مليريا سبب شهرين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن.

مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ مهيني دوران 371 ڊينگي ڪيس ظاهر

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ ھلندڙ ٻن مھينن کان ڊينگي وبائي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي،ھن وقت شھرن کانسواءِ ٻھراڙين جي ڳوٺن ۾ به روزاني بنيادن تي ڪيس ظاھر ٿي رھيا آھن، گڏ ڪيل معلومات موجب ته ھلندڙ مھيني دوران رڳو مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 371 ڪيس ظاھر ٿيا آھن، اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ 230 ۽ سول اسپتال مٺي ۾ 141 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن، ٻنھي اسپتالن ۾ 15 مريض زير علاج ٻڌايا وڃن ٿا،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته ڊينگي وائرس پکڙجڻ بعد صحت کاتي ٽيسٽون گھٽائي ڇڏيون آھن جنھن سبب اڪثر مريض پرائيويٽ ليبارٽرين تان ٽيسٽون ڪرائي گھرن ۾ موجود آھن،اسپتالن ۾ عارضي طور قائم ڪيل ڊينگي وارڊن ۾ به داخل ٿيندڙ مريضن کي داخل ڪرڻ بعد نه ڏسڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ سبب ماڻھن سرڪاري اسپتالن ڏانھن اچڻ گھٽائي ڇڏيو آھي ۽ ھو ھٿ علاج ذريعي زندگيون بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن، سول اسپتال مٺي جي سول سرجن ڊاڪٽر ھريش ڪمار ٻڌايو ته اسان وٽ ھن مھيني ڊينگي جا 141 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن ۽ اڄ به 11 مريض داخل آھن،ايندڙ مريضن جو علاج ٿي رھيو آھي اڃان ڪا به فوتگي ناھي ٿي،جيڪي مريض اچن ٿا آھي صحتياب ٿي رھيا آھن، چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ڊينگي ۾ ورتل مريضن جا روزاني بنيادن تي انگ اکر ميڊيا کي جاري ڪرڻ واري ھدايتن تي صحت کاتي عمل نه ڪيو.

ڊينگي تباهي مچائي آهي پر سرڪار خاموش آهي: حليم عادل شيخ

حيدرآباد(رپورٽر) تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته جلد پ پ ڀڄايو سنڌ بچايو تحريڪ هلائي ويندي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊينگي جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي. جنهن سبب سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون سٿجي ويون آهن، سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو ڊينگي جي مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، تازو حيدرآباد ۾ 18 ڊينگي جا مريض فوت ۽ هزارين ماڻهو مرض ۾ مبتلا آهن. جن جون جانيون بچائڻ لاءِ صحت کاتو بلڪل ناڪام ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي دعويٰ ڪندڙ پ پ حڪمرانن جي صوبي جا ماڻهو ڪي پي وڃي پنهنجي معصوم ٻارن جو علاج ڪرائين ٿا، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نه دوائون آهن نه ڊاڪٽر ۽ نه عملو آهي. جنهن سبب ماڻهو مري رهيا آهن يا جانيون بچائڻ لاءِ خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن.

جيڪب آباد ۾ ڊينگي بي قابو،21 کان وڌيڪ ڪيس

جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ڊينگي مرض بي قابو ٿي ويو آهي صحت کاتي جي اختيارين پاران ضلعي ۾ ڊينگي کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي اپاءَوٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جنھن کان پوءِ ڊي سي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو ڪميٽي ۾ ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس جيڪب آباد کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي ڊي سي جي حڪم تي جمس اسپتال ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ الڳ وارڊ قائم ڪري عملو مقرر ڪيو ويو جيڪب آباد ۾ هلندڙ مهيني ۾ 20 کان مٿي ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن ٻن خانگي ليب مان 51 ماڻهن ڊينگي مرض جي شڪ جي بنياد تي ٽيسٽون ڪرايون جنهن مان 17 ماڻهن جا ڪيس هاڪاري اچي ويا آهن جمس اسپتال ۾ به هڪ عورت جي ڊينگي جو ٽيسٽ پازيٽو آيو جيڪا علاج کان پوءِ صحتياب ٿي وئي جنهن کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او جيڪب آباد سراج سهتو ٻڌايو ته ڊينگي جي صورتحال بابت سيڪريٽري صحت ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ هنگامي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون ڪيون آهن جنهن جي حڪم کان پوءِ ڊي سي ڪميٽي قائم ڪئي آهي

فيض محمد ڳوٺ ۾ گيسٽرو سبب 6 ڄڻا فوت، رپورٽ وڏي وزير حوالي

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڄامشوري جي ڪوھستاني علائقي ۾ گيسٽرو جي وبا سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، وزيراعليٰ جي ھدايت تي صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آءِ جون ميڊيڪل ٽيمون متاثر ڳوٺ فيض محمد برفت ڏانھن روانيون ڪيون ويون، وزيراعليٰ کي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي جامشورو پاران واقعي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب ھاڻي تائين 105 مريضن جو علاجمڪمل ڪيو ويو آهي، جن مان 85 کي سخت گيسٽرو هو، جڏهن ته 15 جي حالت نازڪ رهي، ضلعي انتظاميه وزيراعليٰ کي آگاهه ڪيو ته وبا سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، مراد علي شاهه ھدايت جاري ڪئي ته ڪنهن به متاثر شخص کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي ۽ ڳوٺ ۾ فوري ميڊيڪل ڪيمپس قائم ڪيا وڃن، ان سان گڏ صاف پاڻي جا واٽر ٽينڪر متاثر علائقي ڏانھن موڪليا ويا آھن، جڏهن ته ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ کي ايندڙ ترقياتي پروگرام اي ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ليبارٽري رپورٽ موجب مقامي پاڻي جي نمونن ۾ آلودگي حد کان وڌيڪ ملي، جنهن ڪري پاڻي کي انساني استعمال لاءِ غيرمحفوظ قرار ڏنو ويو، وزيراعليٰ سنڌ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ۾ سخت نگراني جاري رکي وڃي ته جيئن وبا ٻيهر نه پکڙجي، ترجمان موجب وزيراعليٰ پاڻ صورتحال جي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صحت کاتو، پي پي ايچ آءِ ۽ بحالي ٽيمون گڏجي ڪارروايون جاري رکن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.