نيويارڪ/لنڊن(رضا رومي)ناليواري ليکڪه ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته ڇا پاڪستان جي پاليسي ٺاهيندڙن کي خبر آهي ته عالمي تڪرارن ۾ شامل ٿيڻ سان ملڪ کي ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو؟پاڪستان جي پاليسي ساز اڃا تائين "انتظار ۽ ڏسو” واري پوزيشن ۾ آهن، ۽ ”ادارا“ پنهنجي اثر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهن۔ڊاڪٽر عائشا جو خيال آهي ته جنرل عاصم منير جو اثر پاڪستان اندر وڌيڪ وڌي رهيو آهي ۽ وزيراعظم يا سياسي قيادت هن وقت پس منظر ۾ آهي،هن چيو ته جنرل باجوا جي دور کان پوءِ جيڪو “هائبرڊ ماڊل” ٺهيو هو، اهو هاڻي “پرو ميڪس هائبرڊ سسٽم” ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو سياسي ۽ انتظامي ڪردار اڃا وڌيڪ طاقتور ٿي ويو آهي،هن چيو ته پاڪستان ۾ 2008ع کان پوءِ “سول-فوجي شراڪت” جو نئون ماڊل وجود ۾ آيو، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن وٽ ايتري آزادي ناهي جيتري ظاهري طور ڏيکاري وڃي ٿي،هن چيو ته جڏهن ڪو فوجي ڪمانڊر ايترو طاقتور ٿي وڃي جو ڪو به کيس سوال نه پڇي سگهي، تڏهن نظام ۾ غلطين جا امڪان وڌي وڃن ٿا، ڇوته پوءِ “اختلاف جي آواز” بند ٿي وڃن ٿا،هن چيو ته ٽرمپ جي دور ۾ جنرل باجوا کي سڌي آمريڪي لفٽ ملي هئي، جڏهن ته عمران خان کي نظرانداز ڪيو ويو،هن چيو ته هاڻي صورتحال اها آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي لاڳاپن ۾ سڌو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ وزيراعظم يا پارليامينٽ کي ان عمل ۾ شامل ئي نٿو ڪيو وڃي۔اهو ڏيکاري ٿو ته پاڪستان ۾ طاقت جو توازن مڪمل طور تي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي،هن چيو ته پاڪستان جي سياسي طبقي ۾ “جرئت” ۽ “خودمختياري” جي کوٽ آهي،نئين نسل جا سياستدان به طاقت جي هن ورهاست کي چئلينج ڪرڻ بدران، ان سان ٺهڪي وٺڻ کي ئي پنهنجو سياسي طريقو سمجهن ٿا۔جڏهن سول سوسائٽي ۽ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا نٿا ڪن، تڏهن هر فيصلي جو مرڪز فوج بڻجي وڃي ٿي،هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سياسي قيادت کي ڪم ڪرڻ جي گنجائش نه ڏيندي ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو امڪان ختم ٿي ويندو،اسان کي ڪنهن به هٻڪ کانسواءِ تسليم ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان هن وقت سخت گير نظام جو شڪار آهي، جنهن ۾ مارشل لا جو اعلان ڪرڻ جي به ضرورت ناهي، جيستائين سياسي ۽ اقتصادي نظام پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو حوصلو پيدا نه ڪندو، اسان هڪ بحران مان ٻئي بحران ۾ ئي رهنداسين.