مهانگائي ۽ واپاري خساري ۾ نمايان واڌ ٿي آهي\اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مرڪزي بئنڪ مالي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وياج جي شرح کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽمبر ۾ مهانگائي ۾ نمايان واڌارو ٿيو، مهانگائي مقرر ڪاٿي کان وڌيڪ مهانگي ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ لڳاتارچوٿين اجلاس ۾ مرڪزي بئنڪ طرفان وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو آهي. مارڪيٽ ۾ عام تاثر اهو ئي هو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ مهانگائي ٿوري وڌي آهي، تنهنڪري اسٽيٽ بئنڪ مالي پاليسي بابت محتاط رويي کي برقرار رکندو، ۽ معاشي ماهرن کي مرڪزي بئنڪ مان اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي.ڪاروباري طبقي جو مطالبو هو ته وياج جي شرح ٻه سيڪڙو گهٽائي 11 سيڪڙو مان 9 سيڪڙو تي آندي وڃي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پنهنجي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته "مانيٽري پاليسي ڪميٽي 27 آڪٽوبر 2025 تي ٿيل اجلاس ۾ پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.” مرڪزي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناڻي واري پاليسي ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪميٽي نوٽ ڪيو آهي ته سيپٽمبر ۾ عام مهانگائي ۾ نمايان اضافو ٿي ڪري 5.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته قوزي مهانگائي 7.3 سيڪڙو تي برقرار رهي آهي. ڪميٽي محسوس ڪئي آهي ته وسيع معيشيت تي تازو۾ آيل ٻوڏ جا اثر پويان اجلاس جي ڪاٿن جي مقابلي ۾ ٿورا گهٽ آهن. فصلن کي ٿيندڙ نقصانن جو امڪان گهٽ آهي، ۽ رسد ۾ گھٽ رنڊڪ آئي آهي. ڪميٽي وڌيڪ چيو آهي ته معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي، جنهن جو اندازو بلند تعداد واري اقتصادي اظھارن ۾ شاندار واڌ سان لڳايو وڃي ٿو. انهن تبديلين جي بنياد تي مائڪرو  اقتصادي منظرنامو اڳين اندازن جي مقابلي ۾ بهتر ٿيو آهي، پر ڪميٽي محسوس ڪئي آهي ته ڪجهه عنصر ان منظرنامي تي غير يقيني طور اثرانداز ٿي سگهن ٿا. اهڙا عنصر عالمي جنسن جي قيمتن ۾ تبديليون، تجارتي ٽيريف ۾ ٿيندڙ تحريڪن، برآمدن جا چيلينج، ۽ ملڪ ۾ غذائي رسد ۾ ممڪن رڪاوٽون آهن. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته هي فيصلو قيمتن ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ مناسب آهي. ڪميٽي جي خيال ۾ مهانگائي کي وچا مدت ۾ 5 کان 7 سيڪڙو جي حد ۾ برقرار رکڻ لاءِ حقيقي پاليسي ريٽ ڪافي هاڪاري آهي. ان سان گڏ، ڪميٽي بيروني ۽ مالي بفرن جي تياري تي زور ڏنو آهي ته جيئن معاشي سرگرمي ۾ اضافو ٿئي ۽ مهانگائي تي اضافي دٻاءُ نه پوي. ڪميٽي وڌيڪ چيو آهي ته بلند تعداد واري اقتصادي اظھارن کان ثابت ٿئي ٿو ته معيشيت ۾ پائيدار واڌ جي امڪان آهي. زرعي شعبو، خاص طور تي خريف جي فصلن ۾ چڱي پيداوار جا امڪان آهن. ان سان گڏ، صنعتي شعبو پڻ ترقي ڏيکاري رهيو آهي. ڪميٽي وڌيڪ چيو آهي ته مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۽ پائيدار اقتصادي واڌ ۾ اڳڀرائي جاري رکڻ ضروري آهي. ان سان گڏ، ڪميٽي نجي شعبي کي قرض ڏيڻ ۾ واڌ ۽ اقتصادي بحالي کي جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. ڪميٽي توقع ڪئي آهي ته ٻوڏ کان پوءِ  ٻي ڇماهي ۾ مهانگائي مقرر ٿيل حد کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿي، پر مالي سال 27 ۾ اها حد ۾ واپس اچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.