اسلام آباد(امتياز گل)چين هن وقت آمريڪا ۽ يورپي يونين سان واپاري، ڪرنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي جنگ ۾ پورو جڪڙيل آهي،اولهه طرفان چين تي مختلف معاشي دٻاءُ وڌايا ويا آهن ، چيني برآمدات تي نوان ٽيڪس، ۽ چين سان لاڳاپيل ڪمپنين تي قبضي جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن۔ مثال طور، نيدرلينڊز ۾ حڪومت هڪ چيني ڪمپني Nexperia تي سڌو قبضو ڪري ورتو آهي۔ اولهه جا ملڪ گهڻي وقت کان چين تي الزام لڳائيندا رهيا آهن ته هو واپار ۾ “غير منصفاڻي طريقا” اختيار ڪري ٿو، ڇو ته چين جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ تيزي سان وڌندڙ برتري، مغربي مفادن لاءِ خطري طور ڏٺي پئي وڃي،هاڻي هن معاشي ڇڪتاڻ جي وچ ۾ چين هڪ نئون قدم کنيو آهي برڪس ملڪن جي تعاون سان هڪ بين الاقوامي ادائگيءَ جو نظام برڪس پي “BRICS Pay” متعارف ڪرايو ويو آهي،هن نئين نظام سان عالمي واپار ۾ آمريڪي ڊالر جي اجارہ داري کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، هي نظام ملڪن کي اجازت ڏئي ٿو ته اهي پنهنجي مقامي ڪرنسيءَ ۾ واپار ۽ ادائگيون ڪن، في الحال دنيا جو لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو عالمي واپار ڊالر ۾ ٿيندو آهي،جڏهن ته هاڻي سعودي عرب، ايران ۽ برازيل جهڙا ملڪ به برڪس پي سسٽم ۾ شامل ٿيڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن، جنهن سان عالمي ادائگي يواَن (چيني ڪرنسي) يا ٻين مقامي ڪرنسين ۾ ٿيڻ شروع ٿي سگهي ٿي۔هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ٽرمپ واقعي BRICS ملڪن کي روڪي سگهندو؟ في الحال اهو ڏسڻو پوندو، پر حقيقت اها آهي ته چين جي قيادت هيٺ مالي طاقت جو توازن آهستي آهستي اوڀر ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي۔يورپي ملڪن ۾ به چين بابت پاليسيءَ ۾ ڏهاڙو دٻاءُ وڌي رهيو آهي۔.