دهشت گرد تنظيم ٽي ٽي پي کي ڳالهين ۾ شامل ڪيو\افغان طالبان

استنبول(م ڊ) ترڪيه جي شهر استنبول ۾ جاري پاڪ، افغان ڳالهين ۾ پاڪستان واضح ڪيو آهي ته افغان طالبان دهشتگردن جي سرپرستي بند ڪري جڏهن ته افغان طالبان لکت ۾ معاهدي کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ٽي ٽي پي کي به ڌر طور ڳالهين واري ميز تي آندو وڃي. پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهم اجلاس استنبول ۾ جاري هو جتي پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ٽيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. سفارتي ذريعن مطابق، افغان طالبان تحريری معاهدي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي چڪي آهي. ذريعن موجب، استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ٽيون دور جاري آهي، جنهن ۾ ٽياڪڙ ابراهيم قالن پڻ موجود آهن. جڏهن ته، گذريل هفتي پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ 9 ڪلاڪ ۽ 13 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهيون ٿي چڪيون هيون، پر ڪو به نتيجو سامهون نه آيو. پاڪستاني وفد افغان طالبان کي پنهنجي حتمي موقف پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته افغان طالبان طرفان دهشتگردن جي سرپرستي برداشت نه ڪئي ويندي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان واضح طور تي چيو آهي ته ٽي ٽي پي جي خاتمي لاءِ ڪڙا ۽ يقيني قدم کڻڻ گهرجن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ايجنڊا افغانستان، پاڪستان ۽ علائقائي استحڪام لاءِ مفيد ناهي، جڏهن ته اڳتي وڌڻ افغان طالبان جي مثبت روئي تي دارومدار رکندو آهي. آچر جي ڏينهن ۾، پاڪستاني وفد افغان طالبان کي پنهنجي حتمي موقف پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته افغان طالبان طرفان دهشتگردن جي سرپرستي برداشت نه ڪئي ويندي.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان واضح طور تي چيو آهي ته ٽي ٽي پي جي خاتمي لاءِ ڪڙڻ ۽ يقيني قدم کڻڻ گهرجن. ان کان علاوه، طالبان جا دليل غير منطقي ۽ زميني حقيقتن کان هٽيل آهن، ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته افغان طالبان ڪنهن ٻئي ايجنڊا تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ايجنڊا افغانستان، پاڪستان ۽ علائقائي استحڪام لاءِ مفيد ناهي، جڏهن ته اڳتي وڌڻ افغان طالبان جي مثبت روئي تي دارومدار رکندو آهي.  هوڏانهن ڪابل ڳالهين دوران افغان وفد جو هڪ نئون مطالبو به سامهون آيو ته ان معاهدي ۾ ٽي ٽي پي (TTP) جي قيادت کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هو ۽ پاڪستان منهن سامهون ويهي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. ان تي پاڪستاني وفد جواب ڏنو ته اهو ممڪن ناهي ڇا توهان ٽي ٽي پي کي مذاڪرن ۾ شامل ڪري پاڪستان کي ڪو اسٽيڪ هولڊر ثابت ڪرڻ گهرو ٿا؟ نه ته اها جماعت پاڪستان ۾ ڪو اسٽيڪ هولڊر آهي، ۽ نه ئي اسان ان کي تسليم ڪندا آهيون. اسان ٽي ٽي پي ۽ بلوچ لبريشن آرمي (BLA) کي دهشتگرد تنظيمون سمجهون ٿا جيڪي پاڪستان جي سلامتي جي خلاف آهن، ۽ دهشتگرد جماعتن سان ڳالهيون نه ٿينديون. جنگ ٿيندي آهي. پاڪستاني وفد چيو ته توهان سان اسان جا مذاڪرہ صرف ان ڪري ٿي رهيا آهن ته ڇا توهان انهن خلاف ڪارروائي ڪندؤ يا پوءِ اسان ڪنداسين. جيئن ته انهن خلاف ڪارروائي ته ضرور ٿيڻ ئي آهي — جيڪڏهن توهان نه ڪندئو ته پوءِ اسان شروع ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن اسان شروع ڪيو ته پوءِ اسان تڏهن تائين روڪينداسين نه جڏهن تائين انهن جو آخري دهشتگرد ختم نه ٿي وڃي. هاڻي اهو فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي ته توهان ڪنهن سان گڏ آهيو. ذريعن موجب، اھي آخري لفظ هئا جيڪي ڪل ڳالهين دوران ادا ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ پاڪستاني وفد اُٿي ويو، جڏهن ته ترڪي ۽ قطر جي ٽياڪڙن به  پاڪستان جي هن موقف کي جائز قرار ڏنو ۽ ان جي حمايت ڪئي. ڊڊ لاڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ افغانستان کان درخواست ڪئي وئي ته هو  صبح ٻيهر مذاڪرن لاءِ اچي؛ جنهن تي پاڪستاني وفد چيو ته توهان جي خاطر اسان اڄ به ڳالهيون ڪري وٺنداسين، پر اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي: جيڪڏهن افغانستان اسان جي چوڻ تي ٽي ٽي پي ۽ BLA جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪندو ته پوءِ اسان قدم کڻنداسين، چاهي ان جو نتيجو جيڪو به نڪرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.