مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري:بلاول جي فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي عمل جي حوالي سان اهم سمجهي پئي وڃي. پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علما اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن سان اسلام آباد ۾ انهن جي رهائش گاهه تي تقريبا هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، خاص طور تي وفاق ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي معاملي تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير ۾ حڪومت سازي بابت مولانا فضل الرحمٰن کان تجويزون ورتيون. بلاول سان گڏ نير حسين بخاري، هُمايون خان ۽ جميل سومرو موجود هئا جڏهن ته اڳوڻو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ مفتي ابرار به ملاقات ۾ شريڪ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.