گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ۾ بااثر پير حويلي اندر گهرواري کي مبينا طور تي منهن تي وهاڻو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اڳوڻي هيڊ ماستر سيد عبدالفتاح شاهه پٽن سان گڏجي گهر اندر بي بي سروت کي وهاڻو ڏئي ساهه بند ڪري قتل ڪيو. اي سيڪشن پوليس جوابدار عبدالفتاح شاهه کي گرفتار ڪري ورتو، مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب عبدالفتاح شاهه، عبدالخالق شاهه، علي حيدر شاهه ۽ عظيم شاهه مٿان عورت سروت بيبي کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي. معاملي جي جاچ جاري آهي، عورت جي جسم تي ڪو به ظاهري تشدد جو نشان ناهي.