ياسين مري مقابلو ڪيس ۾ مهيني ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جي سربراهي ۾ ٻڌڻي دوران عدالت پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوابشاهه جي نوجوان ياسين مري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته 11 مهينا گذرڻ باوجود اڳڀرائي رپورٽ  پيش نه ٿي، هڪ مهيني اندر حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائي رهي آهي، ياسين مري کي غيرقانوني حراست بعد جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو، عدالت کان سي سي ٽي وي فوٽيج، ميڊيڪل بورڊ ۽ شاهدن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي استدعا ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.