1.10 کرب رپيا اوڳاڙي قومي ناڻي ۾ واڌارو ڪيو: نيب

اسلام آباد (بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي ته 2025 جي ٽئين ٽه ماهي ۾ 1.10 ٽريلين رپين جي وصولي قومي خزاني لاءِ غير معمولي واڌارو آهي، جيڪا گذريل ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 242 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نيب موجب، سال جي پهرين ٽن ٽه ماهين ۾ مجموعي طور 5.16 ٽريلين رپيا وصول ڪيا ويا، جن مان 17 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي فائدو ٿيو. نيب ڪراچي پاران ڪي پي ٽي ڪيس  ۾ 2.8 ارب رپين جا پلاٽ واپس ڪرايا ۽ نيب سکر 2.5 ارب رپيا ماليت جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي 361 ايڪڙ زمين قومي تحويل ۾ ورتي. 1.39 ملين ايڪڙ تمر جي ٻيلي جي زمين به خالي ڪرائي وئي، جنهن جي ماليت هڪ هزار 104.97 ارب رپيا آهي. نيب بلوچستان به 44.8 ارب رپين جي زمين بحال ڪرائي. نيب موجب، اداري عوامي فراڊ جي متاثرن کي انصاف ڏيڻ لاءِ B4U ڪيس جي 5008 ماڻهن کي آن لائن فنڊ ورهايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.