ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) ليکڪن، صحافين ۽ سماجي خدمتگارن انگريزي ،سنڌي ۽ اردوءَ جي نامور صحافي، ڪالم نويس، صحافتي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ قيد ڪاٽيندڙ 40 سالن کان مٿي صحافت ڪندڙ صحافي غلام نبي مغل (جي اين مغل) جي قلمي پورهئي ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ حڪومت ۽ نجي اشاعتي ادارن کي صلاح ڏني آهي ته سنڌ جي منفرد ڪردار واري صحافي جي اين مغل جا لکيل ڪتاب فوري طور شايع ڪري ان کي ان جو معاوضو ڏنو وڃي، جي اين مغل جي زندگيءَ جي يادگيرين جا وڊيو پروگرام مرتب ڪيا وڃن، هن جي صحافت، صحافي تحريڪن ۾ ڏنل قربانين ۽ جدوجهدن تي هن سان گڏ رهندڙن ويجهن ساٿين ۽ قلمڪارن کي لکڻ گهرجي، اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي ويجهي دوست جي اين مغل جي صحت، مالي مسئلن ۽ ٻين مسئلن تي عبدالله شاهه جي پٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گهرجي ته هو پنهنجي والد جي دوست ۽ نامور صحافي جي اين مغل جي خاص طور سار سنڀال لاءِ ذاتي دلچسپي جو مظاهرو ڪري. اها ڳالهه ڪالهه شام جو دي انٽلئيڪچيوئل فورم طرفان پاڪستان آمريڪا ڪلچرل ڪائونسل(پي اي سي سي ) ۾ نامور صحافي سان ملهايل هڪ شام جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي، ان موقعي تي نامور صحافي، ڪالم نويس جي اين مغل ڳالهائيندي چيو ته ماضيءَ وانگر اڄ به صحافت مختلف آزمائشن ۽ ڌمڪين جو شڪار آهي، آزاد صحافت جي جدوجهد اڃان به پنهنجي سفر تي آهي ئي اها مسافري پنهنجي مقصد جي حاصلات تائين ختم نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته صحافت ۾ ايندڙ نئون نسل دنياداريءَ جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ بدران پنهنجي پيشي جي مقدس هجڻ جو ڀرم رکي خبرن ۽ حقيقي رپورٽن جي طاقت سان ملڪ ۾ انصاف، انساني حقن ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ عذابن جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ سڀني جي گڏيل طاقت جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو درياهه، زمينون، معدنيات سڀ ڪجهه ڦرجي ويندو، جنهن لاءِ خاص طور سنڌي صحافين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، فورم جي چيئرمين مسعود نوراني وڪيل چيو ته جي اين مغل اسان جو زنده اثاثو آهي ،جنهن شاگرد مزاحمتي سياست کان صحافت تائين پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي، هو اڄ به صحافتي قلم وسيلي سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، دانشور، ليکڪ ۽ سماجي خدمتگار اعجاز قريشي چيو ته جي اين مغل حيدرآباد، ڪراچي کان ملتان ۽ اسلام آباد تائين صحافي دنيا جو چمڪندڙ ستارو آهي ،هن ون يونٽ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم تائين اول سياسي ۽ پوءِ صحافتي قلم وسيلي پنهنجي منفرد تاريخ جوڙي آهي، سيد مراد علي شاهه جو والد ۽ اڳوڻو سنڌ جو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه هن جي ويجهو دوست هو، جنهن لاءِ ان جي پٽ ۽ هاڻوڪي سنڌ جي وڏي وزير کي جي اين مغل جي ڪتابن شايع ڪرائڻ کان وٺي هن جي علاج ۽ ٻين مشڪلاتن جو خاص طور ڌيان ڏيڻ گهرجي، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ صحافي يونس مهر چيو ته جي اين مغل انگريزي، سنڌي ۽ اردو صحافت جو وڏو نالو آهي، هن پنهنجي صحافتي قلم وسيلي سنڌ جو ڪيس رکي پنهنجي قوم جو حق ادا ڪيو آهي، جڏھن ڪنھن قوم جو درياهه ۽ زمينون کسيون وڃن، مظلومن کي نيست نابود ڪرڻ جا فيڊريشن وسيلي منصوبا جوڙيا وڃن، ته پوءِ صحافت اڻ ڌري نه ٿي ٿئي سگهي، جي اي مغل به پنهنجو انهن مسئلن تي قوم مظلومن جي ڌر بڻجي صحافت ڪئي، نامور صحافي مظهر عباس چيو ته جي اين مغل انگريزي، اردو سان گڏ ملڪ جي بااثر سنڌي صحافت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سنڌي صحافت جي جمهوريت ،انساني ۽ سنڌ جي حقن واري ڪردار ڪري سيد مشاهد حسين تي به اهو ڪم رکيو ويو هو ته سنڌي صحافت کي ڪمزور ۽ بي اثر بڻائيو وڃي، پر جي اين مغل،انور پيرزادو سميت ٻين بااصول سنڌي صحافين ڪري اڄ به ڪافي مشڪلاتن هوندي به سنڌي صحافت ان نموني قيد نه ٿي سگهي آهي، جيئن مٿيان حڪمران چاهين ٿا ،جي اين مغل ملڪ ۽ سنڌ جي آزاد صحافت لاءِ جوڙيل صحافتي تنظيم جي بانين ۾ شامل آهي،سنڌ ويزن جي سربراهه ڊاڪٽر محبوب شيخ چيو ته جي اين مغل جي هڪ سڃاڻپ شاگرد اڳواڻ واري به آهي، هو پنهنجي ڪاليج جي يونين جو سرگرم عهديدار ۽ 4 مارچ، ون يونٽ خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هو، هن پنهنجي شاگرد سياست جي سنڌ دوستي کي صحافت ۾ تبديل ڪري قوم جو ڪيس تيار ڪندو رهيو آهي، اسان جي اين مغل سان گڏجي ادب ۽ سياست جي تعليم گڏجي حاصل ڪئي هئي، ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته ضياء جي آمريت ۾ صحافين جي جدوجهد ۾ جي اين مغل جي صلاح سان رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۽ ان جي هاري تحريڪ جو فيصلاڪن ڪردار ڪري صحافين جي جدوجهد کي طاقت ملي هئي، جي اين مغل بينظير ڀٽو جي تعلقاتن ۽ ڄام صادق جي ڌمڪين جي پرواهه ڪرڻ جي هڪ لمحي لاءِ به ڪنهن خبر کي نه روڪيو نه ڪا پرواهه ڪئي، هن عمر ڀر ايمانداري سان پنهنجي پيشي ۾ ڪردار ادا ڪيو، اڄ 99.9 صحافي حڪومت کان پئسا وٺن ٿا، پاڻ به کائن ٿا ۽ مالڪن کي به خوش رکن ٿا، ان ڪري انهن مان ڪو جي اين مغل پيدا نه ٿو ٿي سگهي، ان موقعي تي تي سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ڪتابن جي ليکڪ ۽ رٽائرڊ ڪاموري شاهنواز مهيسر ،محمد اسلم بلوچ، اسحاق سومرو، غلام سرور کيڙو شعيب بڪڪ ،رفيق احمد جعفري ۽ ٻين تقريرون ڪندي چيو ته فورم طرفان اها سٺي روايت وجهي نامور شخصيتن کي انهن جي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏئي ان جي شروعات نامور صحافي جي اين مغل کان ڪئي آهي جي اين مغل ٽن ٻولين ۾ صحافت ڪري جيڪي ڪجهه لکيو آهي، افسوس ته اڄ ڏينهن تائين سنڌ حڪومت ۽ نجي اشاعتي ادارن هن جو هڪ به ڪتاب شايع نه ڪيو آهي، پروگرام ۾ نامور ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو ،ليکڪ ۽ ڪالم نگار محمد خان ابڙو، سرور سميجو ،شميم قاضي، تاج محمد وساڻ،صحافي شير محمد کهاوڙ، صحافي وحيد راڄپر ،ذوالفقار واهوچو ۽ ٻيا قلم ڌڻي موجود هئا.