ويگو گاڏي مان منشيات ۽ انڊين گٽڪو هٿ

 ڪراچي(رپورٽر)نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي روهڙي سرڪل جي ٽيم، اي اي ٽي او قمرالدين سيال جي سربراهي ۾، ڳجھي اطلاع تي قومي شاهراهه تي نارڪوٽڪس چيڪ پوسٽ تي ڪارروائي ڪندي ويگو گاڏي نمبر KP-8077 مان 40 ڪلوگرام ڀنگ ۽ 24 ٻورين ۾ ڀريل انڊين  گٽڪو هٿ ڪيو۔ ڪارروائي دوران هڪ جوابدار شڪيل احمد ولد مختيار احمد پنهوَر کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار کان وڌيڪ جانچ جاري آهي۔ ٻئي طرف ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڇاپا مار ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي منشيات فروشن ۽ اسمگلرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رکڻ ۽ ڳجھي معلومات جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ مؤثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.