اسلام آباد ۾ اعليٰ عملدارن جي رويي سبب ايس پي جو آپگهات؟

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) اسلام آباد پوليس جي ايس پي عديل اڪبر مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس ذريعن موجب ايس پي عديل اڪبر پنهنجي گن مين کان بندوق وٺي پاڻ تي فائر ڪيو، کيس زخمي حالت ۾ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو جانبر نه ٿي سگهيو. عديل اڪبر اسلام آباد پوليس ۾ ايس پي انڊسٽريل ايريا طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. واقعي کان ٿوري دير اڳ هو حاجي ڪيمپ ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺي  رهيو هو، جتي پوليس جي سرڪاري پوسٽ ۾ سندس ملاقاتن ۽ هدايتن جون تصويرون به جاري ڪيون ويون هيون. ٻئي پاسي تجزئي نگار زاهد گشڪوري جو چوڻ آهي ته پوليس سروس آف پاڪستان ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪندڙ ۽ 2017ع جي CSS امتحان ۾ ٻي پوزيشن ماڻيندڙ آفيسر عديل اڪبر مبينا طور هڪ سينيئر آفيسر جو فون اچڻ کان ٿوري دير بعد پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب عديل اڪبر هڪ انتهائي قابل ۽ ذهين آفيسر هو، پر هو اعليٰ عملدارن جي رويي سبب سخت پريشان رهندو هو. عديل اڪبر جي 4 سالن جي ڌيءَ به آهي، جيڪا هاڻ والد جي لاڏاڻي کان پوءِ يتيم ٿي وئي آهي. پوليس ذريعن موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ آفيسر جي خودڪشي جا سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.