سنڌ حڪومت ڌاڙيلن جي مان ۾ دعوتون پئي ڪري:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پريا  ڪماري سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، سنڌ حڪومت ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪري مغوي بازياب ڪرائڻ بدران ڌاڙيلن جي مان ۾ دعوتون رکي مغوين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي. سنڌ سرڪار ڌاڙيلن جي مان ۾ دعوتون رکي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن کي قانون جي پڪڙ کان آجو ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار جي زور تي سنڌ پوليس ڌاڙيلن مٿان ڪمزور ڪيس ڪري ڏوهارين کي رليف ڏئي رهي آهي، هٿ وٺي ڌاڙيلن کي ڪيسن مان بري ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.