بدانتظامي ۽ ڪرپشن رياست جا بنياد ڪمزور ڪرڻ لڳي؟

اسلام آباد(امتياز گل) تازو آمريڪا ۾ ٽرمپ خلاف وڏا احتجاج ٿيا آهن، ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته هاڻي کيس “ڪنگ ڊونلڊ ٽرمپ” سڏڻ گهرجي، ڇو ته سندس حڪمن ۽ خواهشن جو انداز بادشاهن جهڙو آهي،آمريڪا دنيا جي پراڻين جمهوريتن مان هڪ آهي، پر ٽرمپ جي صدارت کانپوءِ سياست، معيشت ۽ سماجي نظام ۾ وڏا تبديليون آيون۔ مهانگائي وڌي، روزگار متاثر ٿيو، ۽ سڀ کان وڌيڪ غيرقانوني مهاجرن تي سختي ٿي،امريڪا ۾آءِ سي اي حراستي مرڪزن جي گنجائش اڳ ۾ فقط 44 هزار ماڻهن جي هئي، پر هاڻي اها وڌائي هڪ لک تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان گرفتارين ۽ ملڪ بدري جي شرح وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي۔پراڻي دور ۾ به مهاجرن کي واپس موڪليو ويندو هو، پر هاڻي خوف ان ڪري وڌي ويو آهي ته ريڊز جو انداز ڏاڍو جارحاڻو آهي،ان جو اثر رڳو مهاجرن تي نه پر معيشت تي به ٿيو آهي۔ نيويارڪ ۽ ڪيليفورنيا ۾ اسپينش ٻوليءَ جون اخبارون بند ٿيڻ لڳيون آهن،، ڇو ته ريسٽورنٽن ۾ ماڻهو وڃڻ کان ڊڄڻ لڳا، ڪاروبار گهٽيو، ۽ اشتهار بند ٿي ويا،هن وقت يورپ ۽ آمريڪا ٻنهي ۾ قوم پرستي جي لهر ٻيهر مٿي آئي آهي۔ ڪيترن ئي سياسي ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا فاشزم ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيئن هٽلر ۽ موسوليني جي دور ۾ ٿيو هو، پر هڪ فرق آهي — آمريڪا ۾ اڃا به قانون جي حڪمراني موجود آهي۔ لکين ماڻهو احتجاج ۾ نڪرن ٿا، پر پوليس گوليون  نٿي هڻي، نه ئي حڪومت احتجاجن کي روڪيندي آهي،جڏهن ته ٽرمپ کي طاقتور اڳواڻ پسند آهن، جيئن نيتن ياهو، نريندر مودي، جنرل سيسي، ۽ پاڪستاني فيلڊ مارشل۔ هو اهڙن ماڻهن سان لاڳاپن ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي، آمريڪا ۾، ڀلي ٽرمپ تي تنقيد ٿئي، پر اتي ادارا ڪم ڪن ٿا، عدالتون آزاد آهن، ۽ حڪمرانن کي جوابدهي جو احساس آهي،پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ عدالتون فيصلا ته ڏين ٿيون، پر عمل ڪرائڻ لاءِ انتظاميا جي مرضي گهربل هوندي آهي، جيڪا اڪثر ”ڪنهن ٻئي“ جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي، آمريڪا ۾ اڃا به ادارا ۽ قانون مضبوط آهن۔ جڏهن ته پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ حڪمران عوامي وسيلن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب فاشزم کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ بدانتظامي ۽ ڪرپشن  ملڪ کي اندروني طور ڪمزور ڪري رهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.