اسلام آباد (بيورو) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪيو ويو آهي. اپوزيشن طرفان درخواست باضابطا طور تي سيڪريٽري قومي اسيمبلي مشتاق جي آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي. عامر ڊوگر، اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن درخواست جمع ڪرائي. 74 اپوزيشن ميمبرن محمود خان اچڪزئي کي مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪيو. پي ٽي آءِ جا ٽي ميمبر علي افضل ساهي، عمر فاروق ۽ صاحبزادا محبوب سلطان ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب درخواست تي صحيحون نه ڪري سگهيا. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري مشتاق درخواست وصول ڪئي جڏهن ته صلاحڪار جي آفيس درخواست کي هڪ ڊائري نمبر ڏنو.