ڪڻڪ اگهه مقرر ڪري وفاق پ پ جو اعتماد بحال ڪيو: شرجيل ميمڻ

 ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي قيمت جو اعلان ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جو اعتماد بحال ڪري ڇڏيو آهي ۽ امدادي قيمت جو تعين هڪ اهم ڪاميابي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو تعين هڪ اهم ڪاميابي آهي. وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي مطالبي تي هن سال امدادي قيمت جو اعلان ڪري هارين، آبادگارن ۽  پاڪستان پيپلزپارٽي جو اعتماد بحال ڪيو آهي.هن چيو ته هن فيصلي سان نه صرف هارين ۽ ڪڻڪ پوکڻ وارن کي سڌو فائدو ٿيندو، پر ڪڻڪ جي پيداوار ۾ واڌ، مٽا سٽا ذخيرن جي بچت، ۽ ملڪ جي خودمختاري جي رستي پڻ هموار ٿيندي. هن چيو ته هي پاڪستان پيپلزپارٽي جي هاري دوست پاليسين جو تسلسل آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پڻ پوکڻ وارن کي رليف ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، زرعي آمدني ٽيڪس، جنهن جو نفاذ ڊسمبر 2024 کان ٿيڻ وارو هو، ان کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پوکڻ وارن کي سهولت ملڻ ۽ زرعي شعبه ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري کي همٿايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.