سجاول جوڻيجو ڀرسان ڌاڙيل مارجڻ تان ڇڪتاڻ، ڌرين جا هڪ ٻئي تي حملا، 6 ڄڻا قتل

ميروخان (رپورٽ: صفدر علي تنيو) سجاول جوڻيجو ڀرسان هڪ مهينو اڳ مارجي ويل ڌاڙيل جو پلاند، برقعو پهريل موٽر سائيڪل تي هٿياربندن جي ڳوٺ ابراهيم جتوئي تي فائرنگ، گهر ڌڻي ۽ 2 واٽهڙو ٿڏي تي مارجي ويا، هڪ ڄڻو سعيد جتوئي زخمي، جڏهن ته ڳوٺ مراد جلباڻي تي پڻ هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، ذريعن موجب اڳ ۾ قتل ڪيل ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل فدا حسين عرف فدو جتوئي، شريف ۽ الهرکيو قتل ٿي ويا، ٻڌايو ويو ته ڳوٺ محمد ابراهيم جتوئي تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، برقعو پهريل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي 35 ورهين جو حاڪم جتوئي ۽ ٻه واٽهڙو 50 ورهين جو منظور ڪورائي ۽ 35 ورهين درويش ضمير تنيو ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سعيد جتوئي زخمي ٿي پيو، مقتول حاڪم جتوئي جي وڏي ڀاءُ شريف جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد جتوئي ۾ ايس ايڇ او سنجر ڀٽي پوليس پارٽي سان گڏ پوليس مقابلو ڪري بدنام ڌاڙيل گل جان عرف منڊو جتوئي کي قتل ڪيو هو جنهن جي قتل جو الزام منهنجي ڀاءُ حاڪم جتوئي تي لڳايو ويو هو، جڏهن ته اسان قتل ۾ ملوث نه هياسين، گل جان عرف منڊو جتوئي جي ڀاءُ فدا جتوئي پنهنجي ڀاڻيجن ۽ ساٿين سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي اڃا برقعا پائي ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀاءُ حاڪم جتوئي ۽ ٻه واٽهڙو مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جي جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 6  ٿي ويو، هوڏانهن سجاول جوڻيجو پوليس جو چوڻ آهي ته جتوئي برادري جو پاڻ ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان واقعو پيش آيو آهي واقعي کانپوءِ جوابدارن جي گهرن تائين پهتا آهيون پر اهي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٽن ڄڻن جي قتل بعد وڌيڪ 3 ڄڻن کي هٿياربندن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.