ڪراچي ۾ استاد اميدوارن جو وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (JEST) ۽ پرائمري اسڪول ٽيچرز (PST) اميدوار آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. اميدوارن پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان لڳايل احتجاجي ڪئمپ کي 120 ڏينهن گذري ويا آهن. اڄ مختلف شهرن مان آيل نوجوانن پاران وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوليس کين روڪي ڪيترا اميدوار گرفتار ڪري ورتا. احتجاج دوران هڪ اميدوار پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب سندس اکين ۾ پيٽرول پئجي ويو ته حالت خراب ٿي وئي کيس فوري طور ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻڻ باوجود کين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، جڏهن ته تعليم کاتي جو صوبائي وزير سردار شاهه پنهنجي علائقي ۾ ناپاس اميدوارن کي نوڪريون ڏئي رهيو آهي. هنن الزام هنيو ته سنڌ جا هزارين نوجوان ناانصافي جو شڪار آهن، نوڪريون ڏيڻ بدران کين تشدد ۽ گرفتارين جو منهن ڏنو پيو وڃي، ڪيترن جي عمر پڻ وڌي چڪي آهي. اميدوارن وڏي وزير مراد علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جلدي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن سندن مايوسي ۽ بيچيني ختم ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.