آمدني ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ سولر پينل ۽ انٽرنيٽ تي ٽيڪس وڌائڻ تي غور

اسلام آباد (م ڊ) ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز رد ٿيڻ کان پوءِ، حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هنگامي ٽيڪس قدمن تي غور جاري آهي، جن ۾ سولر پينل ۽ انٽرنيٽ سميت ٻين شعبن تي  ٽيڪس وڌائڻ شامل آهي. ذريعن موجب، جيڪڏهن مالي سال جي پهرين اڌ ۾ آمدني گهٽتائي وڌي وئي ته اهي قدم لاڳو ڪيا ويندا. تجويز آهي ته درآمد ٿيل سولر پينلز تي جي ايس ٽي 10 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وڃي، جڏهن ته انٽرنيٽ تي ٽيڪس 15 سيڪڙو کان وڌائي 18 يا 20 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو امڪان آهي. حڪومت شمسي توانائي جي تيزي سان وڌندڙ استعمال کي منظم ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته بجلي جي گنجائش جي ادائيگي هن مالي سال ۾ 1.7 ٽريلين رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.