افغانين جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت جو رويو انتھائي سست آھي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارو ڪاري ۽ بدامني لاقانونيت خلاف 23 آڪٽوبر تي ڳڙهي خيرو ۾ جلسي عام ڪيو ويندو ٻئي پاسي اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  غير قانوني افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي سنڌ ۽ ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن، انھن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ م سخت آپريشن ڪيو وڃي. غير قانوني افغاني حيدرآباد ۾ گنجو ٽڪر، لطيف  آباد 10، 11 نمبر، ھالا ناڪا، بدين بس اسٽاپ، نئين پل، ھٽڙي سميت مختلف علائقن سميت سڄي ۾ ڪالونيون ٺاھي ويٺل آھن، لوڪل گورنمينٽ جا ادارا ۽ نادرا رشوت وٺي ڪوڙا ڪاغذ ٺاھي غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏئي رھيا آھن،هن چيو ته غير قانوني افغاني ۽ ٻيا ڌاريا پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آھن. سنڌ ۾ غير قانوني افغانين ۽ ٻين پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت جو رويو انتھائي سست آھي، جنھنڪري غير قانوني پرڏيھي محفوظ جڳھين تي منتقل ٿي رھيا آھن. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ تيزي سان آپريشن ڪري غير قانوني افغانين ۽ ٻين اليگل اميگرينٽس کي پڪڙي واپس ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي غيرقانوني ڌارين جي واپسي لاء ھنگامي اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن. غير قانوني پرڏيھي سنڌ ۽پاڪستان جي سلامتي ۽ امن لاءِ وڏو خطرو آھن. هن چيو ته  سرداري ۽ جاگيرداري سماج عورتن لاءِ مقتل گاھ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.