گڏاپ (رپورٽ:ممتاز شيخ) ڪراچي جي علائقي ايوب ڳوٺ راڄپر محلي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. عيني شاهدن موجب ڌماڪي جي آواز پري پري تائين ٻڌي ويئي، جڏهن ته ويجهن دڪانن کي به شديد نقصان پهتو، اطلاع ملندي ئي سهراب گوٺ پوليس، رينجرز ۽ ريسڪيو ٽيمن موقع تي پهچي متاثر عمارت کي گهيري ۾ ورتو.شروعاتي اطلاع مطابق ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي جي سڃاڻپ 25 ورھين جي عرفان ولد غلام اظهر ۽ زخمين ۾ زیب ولد فدا حسين، آصف ولد ڪمال، زبير ولد دلبر، هڪ اڻڄاتل شخص، ڪامران ولد غلام حيدر، 10 ورھين جي ايان علي ولد حسين جي نالي سان ڪئي وئي آھي، ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ ممتاز مروت موجب لڳي ٿو ته گئس ليڪيج سبب ھي واقعو پيش آيو آهي، پر جاچ مڪمل ٿيڻ بعد پڪ سان ڪجهه چئي سگھجي ٿو.