ڪراچي (عوامي آواز نيوز) فنڪارن جي سهائتا لاءِ قائم ليجنڊ ٽرسٽ جي فنڊن مان 6 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ثقافت کاتي جو چوڻ آهي ته فراڊ ذريعي رقم ڪڍرائي وئي آهي ۽ ليٽر هيڊ ثقافت کاتي جو استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته گورنر هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري ڪلچر ئي ليجنڊ ٽرسٽ جو سيڪريٽري آهي ۽ مالي معاملا ڏسي ٿو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته ليجنڊ ٽرسٽ جو مقصد مستحق فنڪارن ۽ اداڪارن کي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ آهي، پر شروعاتي جاچ موجب 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جعلسازي ذريعي ڪڍي وئي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ٽرسٽ گورنر هائوس جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي، پر ثقافت کاتي جو ليٽر هيڊ جعلسازي سان استعمال ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بينڪ مان چيڪ بڪ ڪڍي پئسا ڪڍيا ويا، جنهن سان غريب فنڪارن جا حق ڦٻايا ويا، ۽ ممڪن آهي ته ان ۾ بينڪ ۽ سرڪاري عملو به ملوث هجي. وزير ٻڌايو ته وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي ليجنڊ ٽرسٽ فنڊ ۾ مالي بي ضابطگين بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي گورنر هائوس جي ترجمان چيو آهي ته گورنر سنڌ يا گورنر هائوس کي ليجنڊ ٽرسٽ جي ڪنهن به مالي معاملي يا چيڪ تي صحيح ڪرڻ جو اختيار ناهي. ترجمان موجب، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري 13 آڪٽوبر تي ليجنڊ ٽرسٽ اڪائونٽ ۾ مبينا بينڪ فراڊ جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. ترجمان وضاحت ڪئي ته سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري ڪلچر ئي ليجنڊ ٽرسٽ جو سيڪريٽري آهي ۽ ٽرسٽ جي مالي معاملن سميت بينڪنگ جا معاملا به ان جي ذميواري آهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته فنڪارن لاءِ قائم فنڊ قومي امانت آهن ۽ ڪنهن به بدعنواني يا جعلسازي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن امتياز ابڙو عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ليجنڊ ٽرسٽ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان اسان کي ڪالهه ليٽر مليو آهي، ان سلسلي ۾ جلد جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪنداسين.