اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏهاڪن کان مشڪل ۾ ڦاٿل افغانستان جي هر وقت ۾ مدد ڪئي ۽ افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي دهشتگرد حملن ۽ افغانن جو انهن حملن ۾ ملوث هئڻ تي ڳڻتي آهي، جڏهن حڪومت غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت ڏيهه واپس موڪلڻ فيصلو ڪيو آهي، جن لاءِ ڪنهن به قسم جي مهلت نه ڏني ويندي، رڳو اُهي افغاني پاڪستان ۾ رهي سگهندا جن وٽ صحيح ويزا موجود هوندي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بابت مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، سنڌ، پنجاب، بلوچستان، گلگت بلتستان جا وزيراعليٰ ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعطم شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ خيبر پختونخوا جي نمائندگي وڏي وزير جي ناڻي بابت صوبائي صلاحڪار مزمل اسلم ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ افغان پناهگيرن سان لاڳاپيل معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، افغانستان جي طرفان دراندازي، چڙ ڏياريندڙ عملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي نقصانن، افغان پناهگيرن جي واپسي واري عمل سميت ڪڻڪ جي مسئلن تي به غور ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏهاڪن کان مشڪل ۾ ڦاٿل افغانستان جي هر وقت ۾ مدد ڪئي ۽ افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي دهشتگرد حملن ۽ افغانن جو انهن حملن ۾ ملوث هئڻ تي ڳڻتي آهي، پاڪستان جي بهادر فوج انهن حملن جو ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو. هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج افغانستان جي حملن کي ناڪام بڻايو، هن سميت سڄي قوم فيلڊ مارشل جي سارهه ٿي ڪري.وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان مان خارجين جي دراندازي روڪڻ لاءِ سفارتي ۽ سياسي قدمن ذريعي ڀرپور ڪوشش ڪئي، نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير ۽ اعليٰ حڪومتي عملدار ڪيترائي ڀيرا افغانستان ويا، افغان عبوري حڪومت سان پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين قيمتي جانيون، اربين ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو.ان کانسواءِ وزيراعظم چيو ته وفاق طرفان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هر قسم جي سهڪار جي پڪ ڏياري، خيبرپختونخوا وفاق جو هڪ اهم يونٽ آهي، وفاقي حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ صوبائي حڪومت سان سهڪار لاءِ تيار آهي.وزيراعظم چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ خوارجن جي دراندازي کي روڪڻ لاءِ سفارتي ۽ سياسي قدمن ذريعي پوري ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان جي بهادر عوام، جن دهشتگردي جي جنگ ۾ پنهنجن پيارن جون قربانيون ڏنيون، عوام سوال ٿو ڪري حڪومت ڪيتري وقت تائين افغان مهاجرن جو بار کڻندي؟ وفاق طرفان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هر قسم جي سهڪار جي پڪ ڏياري، خيبرپختونخوا وفاق جو هڪ اهم يونٽ آهي، وفاقي حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ صوبائي حڪومت سان سهڪار لاءِ تيار آهي.وزيراعظم چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ خوارجن جي دراندازي کي روڪڻ لاءِ سفارتي ۽ سياسي قدمن ذريعي پوري ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان جي بهادر عوام، جن دهشتگردي جي جنگ ۾ پنهنجن پيارن جون قربانيون ڏنيون، عوام سوال ٿو ڪري حڪومت ڪيتري وقت تائين افغان مهاجرن جو بار کڻندي.