اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته ٽي وي تي ڏسو ته خوشي سان ٻڌايو وڃي ٿو ته 100 ملين ڊالر قرض ملي ويو، پر اهڙي قرض جو ڪهڙو فائدو، جنهن سان ملڪ ئي ويهي وڃي. ڊان نيوز جي رپورٽ موجب، سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اقتصادي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پاران عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان وٺي ويل قرضن بابت معاملو زير بحث آيو.سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته هتي ته مسئلو اهو آهي ته قرض لاهڻ لاءِ به نئون قرض ورتو وڃي ٿو، پر اهڙي قرض جو ڪهڙو فائدو جنهن سان ملڪ ئي ويهي وڃي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته اسان اقتصادي امور واري وزارت کان 1958 کان وٺي ورتل قرضن جي تفصيل گهري هئي، جنهن تي وزارت خزانه جي عملدارن ٻڌايو ته 1984 کان 2025 تائين مختلف منصوبن لاءِ ورتل قرضن جي تفصيلون موجود آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن ٻڌايو ته 2008 کان وٺي هاڻ تائين جو سمورو ڊيٽا خودڪار نظام (آٽوميشن) جي ذريعي دستياب آهي، پر 2008 کان اڳ وارو ڊيٽا هٿ سان لکيل هو ۽ ان لاءِ فائلون ڳولڻ ڏکيو ٿيندو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته پوءِ اوهان 2008 کان وٺي هاڻ تائين جو مڪمل ڊيٽا مهيا ڪريو، ڇو ته ان عرصي دوران نئون پاڪستان، پراڻو پاڪستان ۽ ڪيترائي پاڪستان ٺهي چڪا آهن.