فائبر آپٽڪ ڪيبل جي مرمت سبب اڄ انٽرنيٽ سروس متاثر رهندي

ڪراچي (رپورٽر) سمنڊ اندر فائبر آپٽڪ ڪيبل جي مرمت سبب اڄ انٽرنيٽ سروس 18 ڪلاڪن تائين متاثر رهندي، پي ٽي سي ايل جي ترجمان موجب عالمي ڪيبل ڪنسورشيم مرمتي ڪم اڄ صبح 11 وڳي شروع ڪندو، جيڪو لڳ ڀڳ 18 ڪلاڪ جاري رهندو، مرمت دوران صارفين کي انٽرنيٽ ۾ سست رفتاري يا عارضي بندش جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، جنهن تي پي ٽي سي ايل پاران معذرت جو اظهار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.