ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ۾ هڪ آفيسر طرفان عورت آفيسرن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بورڊ انتظاميه مطابق، اڳوڻي سيڪريٽري ميٽرڪ بورڊ ڊاڪٽر نويد احمد خلاف هراسان ڪرڻ جون شڪايتون داخل ڪرايون ويون آهن. انتظاميه موجب، ڪيترين ئي عورت ملازمن طرفان چيئرمين کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر نويد خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان، خط جي متن مطابق، ڪراچي ثانوي تعليمي بورڊ جي چيئرمين، غلام حسين سوهو، انڪوائري لاءِ خط جاري ڪيو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته "هراسميٽ ايٽ ورڪ پلييس ايڪٽ” تحت اڳوڻي سيڪريٽري خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.چيئرمين ميٽرڪ بورڊ، ڊاڪٽر نويد احمد خلاف تحقيقات لاءِ جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي. قائم مقام ناظم امتحانات، حمزه خان ٽڳڙ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال به جاچ ڪاميٽي ۾ ميمبر طور شامل آهي.خط جي متن مطابق، جاچ لاءِ ثبوت طور وائس رڪارڊنگ، فون ڪالن جون رڪارڊنگون، ۽ عورت آفيسر کي دوستي ۽ ذاتي لاڳاپن لاءِ مجبور ڪرڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا آهن.