ٽي ايل پي جو مريدڪي ۽ ساڌوڪي ۾ ڌرڻو، انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام

اسلام آباد/لاهور (م ڊ) اختيارين موٽرويز ايم–ٽو ۽ ايم–ٿري کي ٽريفڪ لاءِ ٻيهر کوليو آهي، پر تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جا ڪارڪن مريدڪي ۽ ساڌوڪي ۾ ٽئين ڏينهن به ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا. مظاهرين جو چوڻ آهي ته هو فلسطينين سان ايڪي لاءِ اسلام آباد پهچڻ جي ڪوشش ۾ آهن. هڪ ڏينهن اڳ ٽي ايل پي جو جلوس پوليس رنڊڪون ٽوڙي مريدڪي پهتو، جتي شرڪت ڪندڙن ڌرڻو شروع ڪيو، جڏهن ته جي ٽي روڊ جي ڪنارن تي کوٽيل خندقن سبب اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي. وفاقي حڪومت پنجاب ۾ 1200 نيم فوجي اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن احتجاج کي روڪي سگهجي. پوليس موجب ڪيترن علائقن ۾ ٽي ايل پي جا ڪارڪن حڪومت مخالف نعرا هڻي رهيا آهن، 90 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪيترائي فرار ٿي ويا. انٽرنيٽ سروس به ڪجهه هنڌن تي متاثر ٻڌائي پئي وڃي. ٽي ايل پي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون، ايندڙ حڪمت عملي جو بعد ۾ اعلان ڪنداسين. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته في الحال مظاهرين اڳتي ناهن وڌي رهيا جڏهن ته وڏي انگ ۾ پوليس گهرائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.