نوبل امن انعام جي ليڪ ٿيڻ جو شڪ، ناروي پاران جاچ جو اعلان

اوسلو (م ڊ) ناروي جي نوبل انسٽيٽيوٽ نوبل امن انعام جي امڪاني ليڪ ٿيڻ بابت جاچ جو اعلان ڪيو آهي، اهو فيصلو تڏهن ڪيو ويو جڏهن انٽرنيٽ تي موجود هڪ سٽيبازي واري پليٽ فارم تي وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچاڊو جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان اوچتو ڪيترائي ڀيرا وڌي ويا، پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب ”پولي مارڪيٽ“ نالي پريڊڪشن پليٽ فارم تي خميس رات کان جمعي صبح تائين ماچاڊو جي کٽڻ جا امڪان 3.75 سيڪڙو کان وڌي تقريبن 73 سيڪڙو تائين پهچي ويا ۽ اهو سڀ ڪجهه اوسلو ۾ انعام جي اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ٿيو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به عالمي ماهر يا ميڊيا اداري ماريا ڪورينا ماچاڊو جو نالو امڪاني اميدوارن ۾ شامل نه ڪيو هو، جنهن سان ليڪ ٿيڻ جا شڪ وڌيڪ وڌي ويا،ڊيٽا ماهر رابرٽ نيس نارويجي نشرياتي اداري اين آر ڪي سان ڳالهائيندي چيو ته بيٽنگ مارڪيٽ ۾ اهڙي اوچتي تبديلي عام نه هوندي آهي، هي واقعي مشڪوڪ لڳي ٿو، نوبل ڪميٽي جي چيئرمين يورگن واٽني فريڊنس چيو ته نوبل انعام جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪا خبر ليڪ نه ٿي آهي، مون کي يقين نه ٿو اچي ته اهڙو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.