ٻن اسٽيل ملن تي اگهن ۾ هڪ هٽي سبب ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ڏنڊ

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي مسابقتي ڪميشن (سي سي پي) عائشا اسٽيل ملز لميٽيڊ ۽ انٽرنيشنل اسٽيلز لميٽيڊ تي ڪارٽيلائزيشن ۽ اگهن جي گڏيل طريقي سان طئي ڪرڻ تي وڏا ڏنڊ مڙهي ڇڏيا آهن، ڇو ته ڪارٽيلائزيشن مسابقتي ايڪٽ 2010 جي قلم 4 جي ڀڃڪڙي قرار ڏني وئي آهي. چئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو ۽ ميمبر بشريٰ ناز تي ٻڌل بئنچ عائشا اسٽيل ملز تي 64 ڪروڙ 83 لک ۽ انٽرنيشنل اسٽيلز تي 91 ڪروڙ 42 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو. حڪم ۾ چيو ويو ته ٻنهي ڪمپنين فليٽ اسٽيل جي اگهن تي گڏيل فيصلا ڪيا ۽ واپاري طور حساس ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪئي، جنهن سان واهپيدارن کي نقصان ۽ مارڪيٽ ۾ غير منصفاڻو مقابلو پيدا ٿيو. سي سي پي موجب ڪارٽل ٽن سالن (2020–2023) تائين فعال رهيو ۽ ٻنهي ڪمپنين جي سينيئر انتظاميا سڌي ريت ملوث هئي. ڪميشن چيو ته هي ڏنڊ ادارن کي مستقبل ۾ اهڙي عمل کان روڪڻ لاءِ آهي ۽ 60 ڏينهن ۾ رقم جمع نه ڪرائڻ تي روزانو ڏنڊ لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.