ڪراچي (رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سنڌ ۾ 17 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي پر ڪراچيءَ جا ماڻهو اڄ تائين پاڻي کان محروم آهن، ڇا ٽينڪر مافيا هميشه لاءِ هتي رهندي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ مفتاح اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ميرپورماٿيلي ۾ هڪ ٻئي صحافي کي قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ملڪ جي معاشي حالتن ۾ بهتري نه اچي رهي آهي، روزگار جا موقعا گهٽجي ويا آهن، حڪومت وٽ ڪو واضع معاشي منصوبو ناهي، اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون وڌي ويون آهن، شوگر مل مالڪ سياست سان لاڳاپيل آهن، حڪومت جي غلط منصوبه بندي سبب ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي، جڏهن معاشي ترقي نه ٿيندي ته روزگار به پيدا نه ٿيندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته شهري علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ روڊن جي بحالي تي ڌيان ڏئي، سائٽ سميت ڪيترائي علائقا تباهه حال آهن، ملڪ ۾ سياسي انتشار وڌڻ سبب ترقي رڪجي وئي آهي، ۽ هينئر به معيشيت جي سڌرڻ جي ڪا اميد نه آهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ ۾ هڪ ئي پارٽي 17 سال حڪومت ڪندي رهي آهي، جيڪا ملڪ ۾ مثال ناهي. ڪراچيءَ کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، ڇوته سنڌ کي وفاق کان آبادي جي حساب سان پئسا ملن ٿا، جڏهن تائين ڪراچي ترقي نه ڪندو، پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو، پوليس جو ڪم عوام جي خدمت هجڻ گهرجي، نه رڳو سياسي اڳواڻن کي پروٽوڪول ڏيڻ، ملڪ ۾ ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري بدترين سطح تي پهچي وئي آهي.