پشاور / راولپنڊي (عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي خاتون اڳواڻ ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ صنم جاويد بابت نوان انڪشاف سامهون آيا آهن۔ ذريعن موجب، پشاور مان مبينه طور اغوا ٿيڻ بعد صنم جاويد کي راولپنڊي جي اڊياله جيل منتقل ڪيو ويو آهي،صنم جاويد جي مڙس دعوئٰ ڪئي آهي ته سندس زال کي اڊياله جيل منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهنتہ اڃا تائين جيل انتظاميا پاران ڪا رسمي تصديق سامهون نه آئي آهي۔ ان کان اڳ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور جي هدايت تي صنم جاويد جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.