اسلام آباد پوليس ڪشميرين جي حق ۾ احتجاج تي پريس ڪلب ۾ ڪاهي پئي، تشدد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس قانون، انصاف ۽ انساني حقن جون حدون لتاڙيندي پريس ڪلب ۾ گهڙي پئي، صحافين تي تشدد ڪندي ڪيمرائون  ۽ ٻيو سامان ڀڃي ڇڏيو. آزاد ڪشمير ۾ /مطالبن جي مڃتا لاءِ ٿيندڙ  احتجاج جي حمايت ۾ مظاهرو ڪرڻ تي پوليس ڪاوڙجي پئي، پوليس احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ۾ زبردستي داخل ٿي وئي، جتي صحافين تي به تشدد ڪيو ويو ۽ فوٽوگرافر جو ڪئميرا ٽوڙي ڇڏيو. ڪجهه مظاهرو ڪندڙ پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج ڪري رهيا هئا،  مظاهرين پريس ڪلب اندر ويا ته پوليس نه صرف مظاهرين کي گرفتار ڪيو، پر اندر موجود صحافين ۽ ڪلب جي عملي سان به بدتميزي ڪئي، کين مارڪٽ ڪئي، هڪ فوٽوگرافر جو ڪئميرا ٽوڙيو ويو ۽ ڪيفي ٽيريا ۾ به توڙ ڦوڙ ڪئي وئي. نئشنل پريس ڪلب ۾ وزيرِ مملڪت طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران، پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اسان مارشل لا، ايمرجنسيون ڏٺيون، پر اهڙو واقعو ڪڏهن به نه ٿيو. پوليس ڪلب ۾ گهڙي آئي هجي. بورچي خاني ۾ برتن ڀڃيا، صحافين کي ماريو ويو.

مظفرآباد(م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ جاري ڇڪتاڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت ۽ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ معطل  ٿيل ڳالهيون ٻيهر بحال ٿي ويون آهن. وفاقي وزيرن ۽ ٻين اڳواڻن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح جو وفد مظفرآباد پهچي، گڏيل ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن سان باضابطه ڳالهين جي شروعات ڪئي آهي. وفد ۾ شامل وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني وفد آزاد ڪشمير ۾ جمهوري عمل جي واڌاري تي زور ڏنو آهي. هن تصديق ڪئي ته حڪومت ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ باقاعده ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. طارق فضل جو چوڻ هو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته معاملن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي، ڇو ته تشدد ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي عوامي ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا ٻڌا ويندا. هن چيو ته حڪومتي وفد آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ڳالهين جي بحالي کي ساراهيندي چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جا اڪثر مطالبا مڃي ورتا ويا آهن، ۽ جيڪي رهجي ويا آهن، انهن تي ڳالهيون جاري آهن.راجا پرويز اشرف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دل ڏکي آهي، پر حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته حالتون جلد کان جلد معمول تي اچي وڃن.وفد ۾ شامل امير مقام چيو ته ڪميٽي ۾ تجربيڪار ماڻهو شامل آهن. هو اڳ به نيڪ نيتي سان آزاد ڪشمير ويا هئا، ۽ هاڻ به ساڳئي جذبي سان ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. اميد آهي ته عوامي ايڪشن ڪميٽي به ساڳئي نيت سان حصو وٺندي.وفاقي صلاحڪار قمر زمان ڪائرا چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي، ۽ مسئلن جو حل هميشه ڳالهين وسيلي ئي نڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ بيچيني ۽ تشدد جي نئين لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومتي ادارن کي فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.هوڏانهن ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري رهي، جڏهن ته مظفر آباد جي لال چوڪ تي مظاهروڪندڙن جو وڏو ميڙ انهن ماڻهن جي لاشن سان گڏ موجود آهي، جيڪي گذريل ڏينهن احتجاج دوران سيڪيورٽي ادارن جي مبينه فائرنگ ۾ مارجي ويا هئا۔احتجاج جي چوٿين ڏينهن به ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ مظاهره ڪندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ جهيڙا ٿيا آهن۔ عوامي ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته، جڏهن تائين انهن جا مطالبا نه مڃيا وڃن، تيستائين اهي لاش دفن نه ڪندا۔ ان کان اڳ مظفر آباد ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي۔ عوامي ايڪشن ڪميٽي طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي اسيمبلي جي 12 سيٽن جي معاملي تي، جيستائين ڪو حل نٿو نڪري، تيستائين  ڪو فائدو نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.