لاهور (امداد سومرو) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنهنجن بيانن تان پوئتي هٽڻ کان انڪاري نظر اچي ٿي جنهن سبب سندس ئي وفاقي حڪومت ڳڻتي ۾ اچي وئي آهي. مريم نواز جو جهيڙو پيپلزپارٽي سان آهي، جيڪو ظاهري طور ٻنهي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ ظاهر ڪري ٿو، پر وفاقي سطح تي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي گڏ آهن ۽ اهم اختلاف موجود ناهن. ياد رهي ته اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران ٻنهي ڌرين ۾ اهو طئي ٿيو هو ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي نه ڪئي ويندي، پر مريم نواز وري سخت لهجو اختيار ڪندي چيو ته ٻوڏ آئي ته چيو ويو ”پنو ڇو نٿا“، پر هوءَ ماڻهن جي عزت نفس جي محافظ آهي ۽ ڪشڪول کڻڻ بدران پنهنجا وسيلا متاثرن تي خرچ ڪيا ويندا. هن واضع ڪيو ته عزت نفس تي سوديبازي نه ٿيندي ۽ هوءَ ڪڏهن معافي نه وٺندي. مريم نواز اتحادي پارٽين جو وجود مڃڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪو رويو اڳ عمران خان جو به رهيو آهي. هر ڳالهه کي انا جو مسئلو بڻائڻ ۽ تقريرن ۾ ورجائڻ سان کيس سياسي نقصان ٿيندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي کي فائدو ملندو. صدر زرداري مسلسل اتحادي سياست ۾ ٿڌو رهڻ جو مشورو ڏئي ٿو، پر مريم نواز جي سخت انداز سان پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي اپوزيشن کي موقعو ملي رهيو آهي، جنهن ۾ نديم افضل چن سميت ڪيترائي اڳواڻ سرگرم آهن.