اسلام آباد(مزمل سهروردي)آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينئر صحافي مشتاق منهاس چيو آهي ته پوري آزاد ڪشمير ۾ ماڻهو روڊن تي نڪتل آهن،حالتون ڪنٽرول ۾ نه آيون ته آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي،جڏهن ڪا ڪميشن بڻائي وئي ته پوءِ خبر پوندي ته گوليون ڪنهن هلايون؟هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ به جين زي جو انقلاب اچي رهيو آهي، عوامي ايڪشن ڪميٽي آڏيون سموريون سياسي جماعتون بيوس ٿي ويون آهن،هن چيو ته آزاد ڪشمير جي سمورين جماعتن کي توهان ڍورن وانگر هڪلي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو پوءِ اپوزيشن جو جيڪو خال پيدا ٿيو ان ۾ ڪنهن کي ته اڳتي اچڻو هو،جڏهن ماڻهو 14 رپيا بجلي يونٽ تي تيار هئا ته اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن وري ڳالهيون ڪري انهن کي 3 رپيا في بجلي يونٽ جي آڇ ڪئي،هن چيو ته ان گند ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدان ملوث آهن،