ملاله پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ هڪ لک ڊالر گرانٽ جو اعلان

غزا (م ڊ) ملاله پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ هڪ لک ڊالر گرانٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، نوبيل انعام يافته پاڪستاني ڄائي برطانوي سماجي ڪارڪن ملاله يوسفزئي فلسطيني پناهگيرن جي مدد لاءِ پنهنجي ملاله فنڊ مان هڪ لک ڊالر گرانٽ جو اعلان ڪيو آهي، ملاله يوسفزئي هن هفتي مصر جي راڄڌاني قاهره پهتي، جتي هن انهن فلسطيني پناهگيرن سان ملاقات ڪئي، جيڪي اسرائيل جي سخت فوجي ڪاررواين سبب غزا ڇڏڻ تي مجبور ٿيا هئا، سماجي ڪارڪن انٽرنيشنل نيٽورڪ فار ايڊ، رليف اينڊ اسسٽنس (INARA) جو دورو ڪيو، جيڪو فلسطيني ماڻهن کي پناهه، طبي سهولتون، تعليم ۽ ذهني صحت جي سهائتا فراهم ڪري ٿو، هُن INARA جي سهولتن ۾ ٻارن سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي فنڊ وسيلي تنظيم لاءِ هڪ لک ڊالر جي گرانٽ جو اعلان ڪيو، ملاله يوسفزئي انسٽاگرام تي لکيو ته ٻارن سان وڏي پيماني تي ڪم ڪرڻ باوجود پهريون ڀيرو هوءَ اهڙي صورتحال ۾ هئي، جتي هر ٻار يا ته زخمي هو، يا پنهنجو ويجهو مائٽ وڃائي چڪو هو، يا پنهنجي گهر کي بمباري ۾ تباهه ٿيندي ڏٺو هو،  فلسطيني ٻار اسرائيلي نسل ڪشي جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل آهن، ملاله يوسفزئي چيو ته هي بحران تڏهن ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن جنگ بند ٿئي، هن چيو ته سڀني کي متاثرن جي مدد ڪرڻ سان گڏ نسل ڪشي جي خاتمي جو مطالبو جاري رکڻو پوندو، ملاله عالمي اڳواڻن کان اپيل ڪئي ته اسرائيل تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته جيئن غزا جو گيهرو ختم ٿئي، امدادي سامان لاءِ چيڪ پوسٽون کوليون وڃن ۽ مستقل جنگبندي لاڳو ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.