نيويارڪ(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگ کٽي چڪا آهيون، ڀارت سان جامع ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ تيار آهيون. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته انساني بحران وڌي رهيا آهن، ۽ دهشتگردي پوري دنيا لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي شروعات قرآن پاڪ جي آيتن جي تلاوت سان ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي دنيا اڳ کان وڌيڪ پيچيده ٿي چڪي آهي، جتي تڪرار وڌي رهيا آهن.هن چيو ته غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي ڪري ماڻهن جو اعتماد گهٽجي ويو آهي.اسان جي پرڏيهي پاليسي قائداعظم جي اصولن جي روشني ۾ پرامن بقاءِ باهمي تي ٻڌل آهي. اسان ڳالهين ۽ سفارتڪاري وسيلي مسئلن جي حل تي يقين رکون ٿا.هن چيو ته گذريل سال اسان خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪا به جارحيت ٿي ته سخت جواب ڏنو ويندو – ۽ ائين ئي ٿيو.وزيراعظم ٻڌايو ته مئي ۾ ڀارت طرفان اڀرندي سرحد تي جارحيت جو جواب اسان سخت انداز ۾ ڏنو. ڀارت، پهلگام حملي جي غيرجانبدار جاچ جي آڇ رد ڪندي، اسان جي شهرن تي حملو ڪيو، جنهن جو اسان ڀرپور دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو. پاڪ فوج، فیلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت هيٺ، بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. ائيرچيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت ۾ پاڪ فضائيه، دشمن جا 7 جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيا. هن پاڪستان جي شهيدن ۽ سندن وارثن کي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جنگ کٽي چڪا آهيون. هاڻي اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا. پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪراري مسئلن، خاص طور تي ڪشمير، تي جامع ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته تقريباً 80 سالن کان فلسطيني عوام اسرائيلي ظلمن جو شڪار آهن. غزه ۽ اولهندي ڪناري تي اسرائيلي فورس عورتن ۽ ٻارن تي ظلم ڪري رهيون آهن. غزه ۾ فوري طور تي جنگ بندي ٿيڻ گهرجي. پاڪستان 1967 وارين حدن تي قائم، القدس شريف گاديءَ وارو هنڌ رکندڙ، آزاد فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.