نيتن ياهو جي تقرير دوران ڪيترن ئي ملڪن جي نمائندن جو واڪ آئوٽ

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خطاب دوران شديد احتجاج ڪيو ويو، ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا اٿي هال مان نڪري ويا، قطري نشرياتي اداري الجزيره جي رپورٽ موجب نيتن ياهو جي تقرير دوران ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ويا، خيال رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندڙ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن اسرائيل کي غزا ۾ جاري وحشيانه ظلم سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، الجزيره سان ڳالهائيندي گڏيل قومن جي "انڊيپنڊنٽ انٽرنيشنل ڪميشن آف انڪوائري آن دي اوڪيپائيڊ فلسطيني ٽيريٽري” جي سربراهه ناوي پلي ٻڌايو ته جاچ جا نتيجا وزيراعظم نيتن ياهو، اڳوڻي دفاع واري وزير يوآو گيلنٽ ۽ صدر اسحٰق هرزوگ کي ذميوار ثابت ڪن ٿا. سربراهه چيو ته اسان انهن ٽنهي اڳواڻن کي انهن جي بيانن ۽ حڪمن جي بنياد تي سڃاتو آهي، ڇو ته اهي رياست جا نمائندا هئا، تنهنڪري قانون موجب ذميواري به رياست تي ئي عائد ٿئي ٿي. ان لاءِ اسان چئون ٿا ته اها اسرائيل جي رياست آهي جنهن نسل ڪشي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.