اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رانديگرن کان پوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي شيئر ڪيل هڪ وڊيو تي ڀارتين کي مرچ لڳي ويا.
ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جي ٻي ميچ ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي دوران فاسٽ بالر حارث رئوف طرفان تماشائين جي هوٽنگ جو جواب ”رافيل ڪِرڻ واري اشارن“ سان ڏيڻ تي ڀارتي آپي مان نڪري ويا هئا.
ڀارتي ميڊيا جي ڇتي تنقيد کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان آءِ سي سي کي خط لکي پاڪستاني رانديگرن جي شڪايت ڪئي وئي آهي.
ان دوران ايڪس تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي طرفان بنا ڪيپشن جي عالمي شهرت يافتا پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي شيئر ڪيل وڊيو ڀارتين جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو.
وڊيو ۾ رونالڊو جو انداز به اهڙو ئي آهي جيئن حارث رئوف ڀارتي تماشائين جي مهڻن جي جواب ۾ اختيار ڪيو هو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رونالڊو کي هٿ کي جهاز وانگر اُڏائي پوءِ هيٺ ڪِرڻ جي اشارو ڪري رهيو آهي.
جيتوڻيڪ پي سي بي چيئرمين طرفان شيئر ڪيل وڊيو تي ڪنهن به قسم جي ڪيپشن ناهي لکيو ويو، پر ان باوجود ڀارتي بوکلائجي ويا آهن.
پي سي بي چيئرمين طرفان شيئر ڪيل رونالڊو جي وڊيو کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڪيئي هزار ڀيرا ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ پاڪستاني اسپنر سفيان مقيم به رونالڊو جي ساڳي وڊيو کي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي هئي.
سفيان مُقيم اسٽوري ۾ ڪيپشن لکيو هو ته ” رونالڊو کي ڪنهن ٻڌايو؟“
You might also like