دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ پاڪ-ڀارت ميچ کان پوءِ پريزينٽيشن ۾ تڪراري ۽ سياسي بيان بازي ذريعي هيرو بڻجڻ جي ڪوشش تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو ڏچي ۾ پئجي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي شڪايت تي آءِ سي سي معاملي جو نوٽيس وٺندي ڀارتي ڪپتان خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي.
پاڪستان طرفان جمع ڪرايل ثبوتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سوريا ڪمار خلاف ڪارروائي جي سفارش به ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان خلاف گروپ اسٽيج ۾ کيڏيل ميچ کان پوءِ سوريا ڪمار يادَو جا سياسي بيان ڏيڻ تي پاڪستان آءِ سي سي ۾ باضابطا شڪايت داخل ڪرائي هئي.
اِهو معاملو ميچ ريفري رچي رچرڊسن ڏسي رهيو آهي، جنهن ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ کي اي ميل به موڪلي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اي ميل ۾ ميچ ريفري رچي رچرڊسن واضح ڪيو آهي ته سوريا ڪمار راند جي مفاد خلاف غير مناسب رمارڪس ڏنا، جن مان لڳي ٿو ته ڀارتي ڪپتان راند جي ساک کي ڇيهو رسايو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، آءِ سي سي پاڪستان جي شڪايت جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ جلد ان جي باضابطا ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان جي طرفان ان حوالي سان ٻه آفشيل رپورٽون مليون آهن.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سوريا ڪمار يادَو خلاف باضابطا ڪارروائي جا امڪان وڌي ويا آهن، جنهن سان سندس لاءِ مسئلا وڌي سگهن ٿا.
واضح رهي ته ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ايشيا ڪپ جي گروپ اسٽيج ميچ ۾ کٽڻ کان پوءِ پريزينٽيشن ۾ ڳالهائيندي پهلگام واقعي جو ذڪر ڪندي تڪراري بيان ڏنو هو.