منهنجا ماروٽ ڊگهي عرصي کان سياست ۾ سرگرم آهن، چاهيان ٿو گڏجي ملڪ جي خدمت ڪيون: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجا ماروٽ سياست ۾ ڊگهي عرصي کان سرگرم آهن ۽ جيڪڏهن هو وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ چاهن ٿا ته سندن آجيان ڪنداسين.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيستائين منهنجي ماروٽن جي سياست ۾ انٽري جي ڳالهه آهي ته هو ڊگهي عرصي کان سرگرم آهن، جيڪڏهن هو هاڻي وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ چاهن ٿا ته اسان کين ڀليڪار چئون ٿا، منهنجون نيڪ خواهشون ساڻن گڏ آهن.
بلاول وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري، سندس ڀينرن يا هن ڪڏهن به مٿن تنقيد ناهي ڪئي وئي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ اڳتي اچن ۽ گڏجي ملڪ جي خدمت ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.