نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جي ” آجيان“ ڪندي چيو آهي ته اِهو قدم ”خطي ۾ هڪ مفصل سيڪيورٽي نظام ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار جي شروعات آهي.“
اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران ايراني صدر نه رڳو اسرائيل تي سخت تنقيد ڪئي پر هلندڙ مهيني قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ ٿيل اسرائيلي حملي جي به مذمت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي طاقت جي استعمال سان يقيني نٿي بڻائي سگهجي، پر ان لاءِ اعتماد جي بحالي، علائقائي رابطن ۾ واڌارو ۽ گھڻ رخي اتحاد جي ضرورت هوندي آهي.
پزشڪيان جو چوڻ هو ته ”ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جو ناهي سوچيو ۽ نه وري ڪڏهن ائين ڪندو.“
پنهنجي تقرير ۾ هن هلندڙ سال جون ۾ اسرائيل ۽ ايران جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته ”منهنجي ملڪ کي بدترين جارحيت جو نشانو بڻايو ويو ۽ اسرائيلي حملا سفارتڪاري کي سنگين دوکو ڏيڻ جي برابر هئا.“
ايراني صدر وڌيڪ چيو ته اسرائيلي جارحيت ايران ۾ ٻارن ۽ سائنسدانن جي شهادت جي ذميوار آهي.
You might also like