عورتن کي اسڪوٽيز جي فراهمي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي عملي تعبير آهي: اويس قادر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ پيپلز پارٽي جي پاليسي جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز جي فراهمي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو.
اويس قادر شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن کي سدائين باعزت مقام ڏياريو، عورتن کي اسڪوٽيز ڏيڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي عملي تعبير آهي، هو عورتن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو هن قدم ثابت ڪيو آهي ته عورتن کي تعليم ۽ روزگار سان گڏ محفوظ ٽرانسپورٽ ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.