ٻه ڏينهن گرمي، پوءِ مِينهُن ئي مِينهُن..! ڪراچي جي موسم بابت اهم اپڊيٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 14 ۽ 15 سيپٽمبر تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، بنگال نار ۾ ٺهندڙ نئون موسمياتي سسٽم ڊپريشن جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ايندڙ هفتي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گهٽ دٻاءَ وارو علائقو اتر اولهه نار بنگال ۽ ان سان لاڳاپيل ڀارتي رياست اوڊيشا جي سامونڊي علائقن تي موجود آهي، جڏهن ته موسمياتي سسٽم جي اولهه طرف وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، 14 ۽ 15 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته برساتن کان اڳ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران شهر ۾ سخت گرمي رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like