نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي دفاعي تحقيقاتي اداري ”ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن “ پهريون ڀيرو ريل جي پٽڙي تي هلندڙ موبائل لانچر مان وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ”اگني پرائم ميزائل“ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
ڀارتي بچاءُ واري وزير راجناٿ سنگهه جو چوڻ آهي ته اِهو پنهنجي نوعيت جو پهريون ميزائل لانچ آهي، جيڪو خاص طور تي ڊزائين ڪيل ريل تي ٻڌل موبائل لانچر ذريعي ڪيو ويو آهي.
راجناٿ سنگهه چيو ته اِهو لانچر بنا ڪنهن اڳواٽ تياري جي ريل نيٽورڪ تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ان صلاحيت جي ڪري ان کي تمام گهٽ وقت ۾ ملڪ ۾ ڪٿي به منتقل ۽ نهايت مختصر وقت ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڀارتي بچاءُ واري وزير موجب، ميزائل 2 هزار ڪلوميٽر تائين جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿو ۽ ان ۾ ڪيترائي جديد فيچرز پڻ موجود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ان ڪامياب تجربي کانپوءِ ڀارت اهڙن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جن وٽ ريلوي نيٽورڪ تي ٻڌل لانچر ذريعي ميزائل فائر ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
ڀارت جو پهريون ڀيرو ريل گاڏي تي لڳل لانچر ذريعي ”اگني پرائم ميزائل“ جو ڪامياب تجربو
You might also like