راڻا ثناءُ الله جي بينظير انڪم سپورٽ کي بينظير روزگار اسڪيم ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاح

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ کي بينظير روزگار اسڪيم ۾ تبديل ڪيو وڃي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پ پ جي سينيئر اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، ڇو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وفاقي نوعيت جو آهي ۽ وفاقي سطح تي تجويز آهي ته ان پروگرام کي صوبا به منظور ڪن.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سٺو هلي رهيو آهي ۽ سٺو پروگرام آهي، چاهيون ٿا ته ان پروگرام کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، ڇو ته اسان جي خواهش آهي ته اهو پروگرام ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري، بينظير انڪم سپورٽ کي بينظير روزگار اسڪيم ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهڙي اسڪيم غور هيٺ آهي.
سندس چوڻ هو پ پ جي راءِ آهي ته انهن کي ضرور ٻڌائڻ گهرجي، سياسي جماعتن وچ ۾ بيان بازي کي هاڪاري وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل مسئلن لاءِ هڪ ڪميٽي پنجاب ۾ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.