لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو خلاف آءِ سي سي کي لکيل شڪايتي خط جو متن سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب، پي سي بي ڀارتي ڪپتان خلاف آءِ سي سي کي تفصيلي خط لکيو، جنهن ۾ آءِ سي سي پي سي بي جي موقف کي مڃي ورتو آهي.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته سوريا ڪمار يادَو ڄاڻي واڻي پهلگام واقعي ۽ آپريشن سندور جو حوالو ڏنو، اِهو رويو ظابطن جي روح جي ابتڙ آهي، تنهنڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
پي سي بي خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سوريا ڪمار راند کي سياست ۾ ملوث ڪيو ۽ ان جي ساک کي ڇيهو رسايو، جڏهن ته هن ميچ تي آءِ سي سي جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جا سمورا شق لاڳو ٿين ٿا.
ذريعن موجب خط ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته آءِ سي سي اڳ به ”فري غزا“ ۽ ”فريڊم از هيومن رائيٽ“ جهڙن نعرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خط جي متن ۾ زور ڏنو ويو آهي ته ڀارتي ڪپتان جا بيان سڌي ريت پاڪستان خلاف هئا، جن تي سخت ترين ڪارروائي ضروري آهي، ٻي صورت ۾ ڪرڪيٽ جو ميدان سياسي اکاڙو بڻجي ويندو.
ذريعن جو چوڻ ته ان سموري معاملي تي آءِ سي سي ڀارتي ڪپتان خلاف ظابطي جي ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي.
ياد رهي ته ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ايشيا ڪپ جي گروپ اسٽيچ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پريزنٽيشن ۾ ڳالهائيندي پهلگام واقعي تي تڪراري بيان ڏنو هو.
You might also like