چمن (م ڊ) بلوچستان جي سرحدي شهر چمن ۾ هڪ بم ڌماڪي سبب گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو مارجي ويا آهن. ڌماڪو افغانستان سان لڳندڙ سرحد ويجهو واقع ٽيڪسي اسٽينڊ تي ٿيو، جتي ڌماڪيدار مواد هڪ دڪان ڀرسان رکيو ويو هو. اسسٽنٽ ڪمشنر چمن امتياز بلوچ موجب، ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن مان ٻن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جيڪي مقامي شهري آهن. بلوچستان حڪومت ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.