سعودي ولي عهد جي حمايت ۽ سيڙپ ڪاري ۾ دلچسپي کي اهم سمجهان ٿو: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، سعودي ولي عهد سان ملاقات ۽ اهم اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدي تيصحيحن کان پوءِ، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ  ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ سعودي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تازي ملاقات ۽ دوري کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته  مان پنهنجي پياري ڀاءُ، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جو رياض ۾ سرڪاري دوري دوران گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي نهايت شڪرگذار آهيان . شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته  مون ۽ سعودي ولي عهد جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جن ۾ علائقائي چئلينجن جو جائزو ۽ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جا امڪان شامل هئا. زيراعظم وڌيڪ چيو  ته ولي عهد جي مستقل حمايت، سعودي سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ انهن جي دلچسپي کي مان وڏي اهميت سان ڏسان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.