ڪراچي(رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار براءِ خوراڪ عبدالجبار خان جي صدارت ۾ خوراڪ کاتي ڪراچي ڊويزن جو اعليٰ سطحي اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنھن ۾ ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊويزن جا لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪئي. جلاس کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ڊويزن سميت سموري سنڌ ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا اطمينان بخش آهن ۽ عوام کي ضرورت مطابق فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. عبدالجبار خان چيو ته عوام کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پھرين ترجيح آهي. ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعن خلاف زيُرو ٽالرينس پاليسي اختيار ڪئي ويندي. فلور ملز کي شفافيت سان ۽ وقت سر گندم فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ سيل کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مارڪيٽ جي سخت نگراني لاءِ هڪ خاص ٽاسڪ فورس فوري طور تي جوڙي ويندي.